ڪراچي/لاڙڪاڻو/حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز آنڌاري، طوفان ۽ ڪجهه علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب زندگي سخت متاثر ٿي وئي، جڏهن ته گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ، سولر پليٽون ڪرڻ، بجلي جا پول ۽ وڻ ڪري پوڻ سميت مختلف حادثن ۾ عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
برسات ۽ طوفاني هوائن سبب لاڙڪاڻي، مدئجي، ڳڙهي حسن، شڪارپور، ڏوڪري، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، نصيرآباد، گاجي کهاوڙ، نوابشاهه، نوشهري فيروز، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو.
موسميات کاتي اڳواٽ ئي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ، تيز هوائن ۽ امڪاني ڳڙي واري برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي.
ذريعن موجب ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ تيز هوائن دوران گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ سبب عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 6 تائين پهچي ويو.
نوابشاهه، نوشهري فيروز ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به تيز آنڌي سبب وڻ، سائن بورڊ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا، جڏهن ته ڪيترين ئي عمارتن تي لڳل سولر پليٽون به اکيڙي ويون.
ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ڪيترن ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪچا گهر پڻ نقصان جو شڪار ٿيا آهن.
لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ڏوڪري ۾ تيز برسات کانپوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙي پوڻ جا به اطلاع مليا آهن. ماضي ۾ به ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ نوابشاهه جهڙن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙي واري برسات سبب فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچندو رهيو آهي.
انتظاميا متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته شهري دفاع ۽ ريسڪيو ادارن ماڻهن کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪمزور اڏاوتن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت، 40 کان وڌيڪ زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

