ميرپورخاص: سوناري جي دڪان تان 3 تولا سون ۽ 7 ڪلو چاندي ڦر، احتجاج

1 Min Read

ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي مصروف واپاري علائقي سرسيد روڊ تي ٻن اڻڄاتل هٿياربندن ڏينهن ڏٺي سوائي مل ۽ اويناش جي سونارڪي دڪان تي وڏو ڌاڙو هڻي پيءُ پٽ کي يرغمال بڻائي ورتو.
متاثر دڪاندار اويناش موجب، هٿياربند دڪان مان لڳ ڀڳ 6 کان 7 ڪلو چاندي، اڍائي کان 3 تولا سون، روڪ رقم ۽ اهم دستاويز ڦري فرار ٿي ويا.
فرار دوران دڪاندار پاران مزاحمت ڪئي وئي ۽ شاهدن موجب ڦورو موٽرسائيڪل تان ڪري پيا، پر تنهن هوندي به ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ واپاري اڳواڻ حنيف ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ برادري ۾ سخت خوف واري لهر پکڙجي وئي ۽ واپارين احتجاجن دڪان بند ڪري ڇڏيا.
اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه پوليس نفري سان گڏ پهچي پڪي خاطري ڪرائي، جنهن تي پوليس پاران هڪ ڏينهن جي مهلت گهرڻ بعد واپارين پنهنجا دڪان ٻيهر کولي ڇڏيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment