سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري، پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ۽ ماهوار اجرت 60 هزار رپيا؟

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي بجيٽ 2026-27 جي منظوري کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت آڏو عوامي رليف بابت اهم مطالبا رکي ڇڏيا آهن. پارٽي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ۽ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 60 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

پارٽي ذريعن موجب موجوده مهانگائي، وڌندڙ خرچن ۽ معاشي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي پگهاردار ۽ مزدور طبقي کي فوري رليف ڏيڻ ضروري ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي آمدني مهانگائي جي رفتار سان هم آهنگ نه رهي آهي، تنهن ڪري پگهارن ۽ پينشن ۾ نمايان واڌ وقت جي اهم ضرورت آهي.

پيپلز پارٽي مزدورن لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 60 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن گهٽ آمدني وارن خاندانن کي زندگي جي وڌندڙ خرچن سان منهن ڏيڻ ۾ سهولت ملي سگهي.

ذريعن موجب پارٽي وفاقي بجيٽ ۾ ڪنهن به نئين ٽيڪس ۽ پيٽروليم ليوي ۾ اضافي جي سخت مخالف آهي.

پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته عوام اڳ ئي ٽيڪسن، مهانگائي ۽ يوٽيلٽي بلن جي بار هيٺ آهي، تنهن ڪري وڌيڪ مالي بار وجهڻ بدران حڪومت کي آمدني وڌائڻ لاءِ متبادل ۽ غير روايتي ذريعا اختيار ڪرڻ گهرجن.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي انهن مطالبن کي ڪيتري حد تائين شامل ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن تجويزن سان هڪ پاسي لکين ملازمن، پينشنرز ۽ مزدورن کي رليف ملي سگهي ٿو، ته ٻئي پاسي قومي خزاني تي به وڏو مالي بار پئجي سگهي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment