سعودي عرب: حوثي حملن ۾ 73 ڄڻا زخمي، ٻار ۽ عورتون به شامل

1 Min Read

رياض (رپورٽر) سعودي عرب ۾ يمن جي حوثي جماعت انصارالله جي حملن سبب 73 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن. سعودي اتحادي فوج موجب حوثين ابها، خميس مشيط، نجران ۽ جازان شهرن ۾ شهري ۽ اقتصادي هنڌن کي نشانو بڻايو. سعودي اتحادي فوج چيو آهي ته حوثي حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو.

هوڏانهن گذريل آچر تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

Share This Article
Leave a Comment