ڪراچي: گهر ۾ ڌاڙي دوران فائرنگ، ميٽرڪ جو شاگرد مارجي ويو

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) منگھوپير واري علائقي ۾ گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ لاءِ داخل ٿيل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 15 ورهين جو ميٽرڪ جو شاگرد روشم مارجي ويو.

مقتول جي والد روئيداد حسين موجب 6 ڌاڙيل گهر ۾ داخل ٿيا، جن مان 2 ڄڻا پوليس جي وردي ۾ هئا. گهر ۾ اچ وڃ جو آواز ٻڌي هو ڪمري مان ٻاهر نڪتو، جڏهن ته ٻئي ڪمري مان سندس پٽ به ٻاهر آيو ته هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني.

والد موجب گولي سندس پٽ جي سيني ۾ لڳي، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.

مقتول 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.

Share This Article
Leave a Comment