سعودي عرب پاڪستان جو 5 ارب ڊالر قرض ٽن سالن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو

2 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان کي ڏنل 5 ارب ڊالر قرض جي واپسي جي مدي ۾ وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان ملڪ تي فوري پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ گهٽجڻ جي اميد آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب هن وقت سعودي عرب جا پاڪستان وٽ ڪل 8 ارب ڊالر جا جمع پئسا موجود آهن، جن مان 3 ارب ڊالر هلندڙ سال اپريل ۾ مليا هئا.

مرڪزي بئنڪ موجب پاڪستان کي هلندڙ مالي سال دوران 21.5 ارب ڊالر جون ٻاهرين ادائيگيون ڪرڻيون آهن، جن مان 18 ارب ڊالر اصل قرضن جي واپسي تي ٻڌل آهن. ان مان 11 ارب ڊالر قرض رول اوور ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پرڏيهي قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 500 ملين ڊالر جي گهٽتائي آئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ ٻڌايو ته جولاءِ دوران 2.2 ارب ڊالر جا ٻاهرين قرض واپس ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايندڙ مهيني چين کان 1.3 ارب ڊالر قرض جي ٻيهر مالي سهولت (ري فنانسنگ) ملڻ جي اميد آهي.

مرڪزي بئنڪ موجب گذريل مالي سال دوران اوپن مارڪيٽ مان 9 ارب ڊالر خريد ڪيا ويا، جنهن سان ناڻي جي ذخيرن کي سهارو مليو. اختيارين اميد ظاهر ڪئي آهي ته واپاري ۽ مالي قدمن سبب ڊسمبر 2026ع تائين ملڪ جا ڪل پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالر کان وڌي ويندا.

Share This Article
Leave a Comment