نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ بچل ٻرڙو کي باهه، ڪيترائي گهر سڙي ويا

1 Min Read

نوشهروفيروز ( رپورٽ: عادل عباسي ) نوشهروفيروز ويجهو ڦُل روڊ تي واقع ڳوٺ بچل ٻرڙو ۾ اوچتو لڳل باهه وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ۽ مال جا ڇپرا سڙي رک ٿي ويا.

مليل ڄاڻ موجب باهه سبب ٻن ٻڪرين ۽ هڪ مينهن سڙي مري وئي، جڏهن ته دونهي ۽ گرمي جي شدت سبب ڪيترائي گهر ڀاتي بيهوش ٿي پيا.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ بالٽن ذريعي پاڻي کڻي باهه تي ضابطو آڻڻ جي جدوجهد جاري رکي.

مقامي رهواسين الزام لڳايو ته ميونسپل ڪاميٽي جي فائر برگيڊ واقعي کان لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن پوءِ پهتي، پر فائر برگيڊ گاڏي ۾ پاڻي موجود نه هو، جنهن سبب باهه تي بروقت ضابطو آڻي نه سگهيو ويو.

متاثر خاندانن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان نقصان جو ازالو ڪرڻ ۽ واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment