ڪنڊيارو ۾ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز/ڪنڊيارو: (رپورٽر) ڪنڊيارو شهر جي مک اسٽار چوڪ ڀرسان حيدري هوٽل وٽ سولر پليٽ رکڻ دوران نوجوان 11 هزار وولٽيج واري بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

16 ورهين جو احسان سيال پنهنجي دڪان مٿان سولر پليٽ رکي رهيو هو ته پليٽ بجلي جي تار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب کيس ڪرنٽ لڳو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو اٽڪل 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment