ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ صوبي جي ساحلي پٽي ۽ ٻين شهرن کي خاص طور تي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
الرٽ موجب، صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ عيد جي چوٿين ڏينهن کان گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين اهم شهرن حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ 30 ۽ 31 مئي دوران تيز هوائن، گجگوڙ سان گڏ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
انتظاميا کي امڪاني اربن فلڊنگ (شهري ٻوڏ) کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
رپورٽ مطابق، پنجاب ۾ 28 کان 31 مئي دوران اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.
ٻئي طرف، خيبرپختونخوا جي چترال، دير ۽ سوات جهڙن علائقن ۾ 26 کان 31 مئي تائين برسات سان گڏ ڳڙي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ عيد جي چوٿين ڏينهن کان وسڪاري جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

