خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري هڪ ڳوٺ ۾ کجين جي باغ مان هڪ شخص جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ پاڪستان نيوي جي اهلڪار طور ٿي آهي.
مقتول جو لاش ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.
پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ محمد رمضان ولد ممتاز علي ڦلپوٽو طور ٿي آهي، جيڪو پاڪستان نيوي ۾ پيٽي آفيسر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
خانداني ذريعن موجب، مقتول گذريل ڏينهن ئي موڪل وٺي گهر آيو هو، جيڪو رات جو گهر وارن کي ڪنهن ڪم جو چئي ٻاهر نڪتو، پر واپس نه موٽيو ۽ اڄ صبح سندس بي رحماڻو لاش هٿ آيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي اي سيڪشن پوليس موقعي تي پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جنهن کي پوسٽ مارٽم جي قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملو انتهائي حساس آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جلد ئي تفتيش مڪمل ڪري جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

خيرپور ويجهو کجين جي باغ مان نيوي اهلڪار جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

