سيوهڻ (رپورٽ: علي بخش سولنگي) سيوهڻ شهر ۾ بنيادي سهولتن جو بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي، شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي، گئس، پيئڻ جي پاڻي ۽ روڊن جي مسئلن کانپوءِ هاڻي موبائيل نيٽورڪ جي سهولت به بند ٿي وئي آهي.
شهرين موجب 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود سيوهڻ سٽي ۾ موبائيل نيٽورڪ بحال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب شهري رابطن، آن لائن ڪاروبار ۽ روزمره جي معاملن ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
شهرين چيو ته تاريخي ۽ سياحتي شهر سيوهڻ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي بجلي، گئس، پاڻي، روڊن ۽ موبائيل نيٽورڪ جا مسئلا حل ڪيا وڃن.


