سکر: (عبدالغفور شيخ) ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول بئراج ڪالوني جي ڪلاس روم جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ستين ڪلاس جا 3 شاگرد زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ حمدالله سميجو به شامل آهي، جنهن جي مٿي ۾ سخت زخم اچڻ بعد 5 ٽاڪا لڳايا ويا. وارثن جو الزام آهي ته حادثي باوجود اسڪول انتظاميا زخمي شاگردن کي اسپتال منتقل نه ڪيو، جنهن بعد والدين پاڻ ٻارن کي اسپتال کڻي ويا.
والدين چيو آهي ته اسڪول جي ڇت زبون حال آهي ۽ بروقت مرمت نه ڪئي وئي ته وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. هنن اختيارين کان اسڪول جي فوري مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


