گمس اسپتال مان مبينا بيدخلي بعد ڳورهاري عورت روڊ تي ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ويم لاءِ اسپتال پهتل ڳورهاري عورت کي مبينا طور واپس موڪليو ويو.

ڳورهاري عورت نرملا زال هيرو ماڙيچو، اسپتال مان نڪرڻ بعد سائنس ڊگري ڪاليج جي گيٽ ڀرسان روڊ تي نياڻيءَ کي جنم ڏنو.

ذريعن موجب عورت ويم لاءِ گمس اسپتال جي بيبي فاطمه ميٽرنٽي هوم پهتي هئي، جتي مبينا طور ڊاڪٽرياڻين کيس داخل ڪرڻ بدران واپس موڪلي ڇڏيو.

روڊ تي ويم ٿيڻ واري واقعي تي علائقي واسين پاران اسپتال انتظاميا جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment