شهيدن جي عزت ۽ قرباني هر پاڪستاني لاءِ مقدس امانت آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

1 Min Read

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته شهيد ۽ غازي قوم جو لازوال فخر آهن، ۽ شهيدن جي عزت توڙي قرباني هر پاڪستاني لاءِ هڪ مقدس امانت آهي. وطن جو امن ۽ سلامتي شهيدن جي عظيم قربانين ۽ اڻٽٽ عزم جو نتيجو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزازن سان نوازڻ لاءِ جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو خاص مهمان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هو. هن آپريشنز دوران غير معمولي بهادري ڏيکارڻ ۽ وطن لاءِ شان وارين خدمتن جي اعتراف ۾ شهيدن جي وارثن، آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو.
تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف شهيدن جي خاندانن جي حوصلي، وقار ۽ ثابت قدمي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
هن پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قومي عزم سان جاري رکي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment