پاڪستان هميشه “ون چائنا پاليسي” جي حمايت ڪئي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

4 Min Read
Islamabad: 21 May 2026 — President Asif Ali Zardari, Mr. Cai Dafeng, Vice Chairman of the Standing Committee of the 14th National People’s Congress of China, Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif, Chairman Senate Syed Yousaf Raza Gilani, Speaker National Assembly Sardar Ayaz Sadiq and other dignitaries at a cake-cutting ceremony at the joint ceremony commemorating the 75th anniversary of the establishment of diplomatic relations between Pakistan and China.

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر شي جن پنگ جي قيادت هيٺ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جا قدم سڄي دنيا لاءِ مثال بڻجي چڪا آهن، ۽ دنيا چين کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جيڪا اسان سڀني لاءِ فخر ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي۔

پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي طرفان چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ۽ چيني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔

هن چيو ته 75 سال اڳ ٻنهي ملڪن جي باني اڳواڻن دوستي ۽ سفارتي لاڳاپن جو بنياد رکيو، جنهن کي وقت سان وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو۔

شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن چين کي تسليم ڪندڙ پهريون مسلمان ملڪ هئڻ سان گڏ دنيا جي شروعاتي ملڪن مان هڪ هو، ۽ ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن ڪڏهن به پوئتي نه ڏٺو۔ هن چيو ته گڏيل جدوجهد، اعتماد ۽ خلوص سان اهڙا لاڳاپا قائم ٿيا آهن، جيڪي دنيا ۾ مثال ناهن ملندا۔

وزيراعظم چيو ته گذريل 75 سالن دوران چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان مضبوط ساٿي طور گڏ بيٺو رهيو، ڀلي زلزلا هجن، ٻوڏون هجن يا ٻيا بحران، چين هميشه پاڪستان جي بي لوث مدد ڪئي آهي۔ هن چيو ته پاڪ-چين دوستي رڳو لفظن تائين محدود ناهي، پر عملي سهڪار ۽ اعتماد تي ٻڌل آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه “ون چائنا پاليسي” جي حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به بغير ڪنهن هٻڪ جي اها حمايت جاري رکندو۔ شهباز شريف چيو ته صدر شي جن پنگ جي “بيلٽ اينڊ روڊ” ويزن تحت چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ اقتصادي تعاون جو بهترين مثال آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ ترقي، روزگار ۽ خوشحالي جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن۔

وزيراعظم ياد ڏياريو ته 2010ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ دوران چين انهن پهرين ملڪن مان هو، جنهن پاڪستان جي مدد لاءِ هيليڪاپٽر، دوائون، ڊاڪٽر ۽ ماهر موڪليا۔ هن چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ان محبت ۽ سخاوت کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي۔

شهباز شريف چيو ته چين عالمي سطح تي امن، سفارتڪاري ۽ گهڻ رخي تعاون جي حمايت ڪري رهيو آهي، ۽ پاڪستان به خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته چين نه رڳو پاڪستان جو سڀ کان مضبوط دوست رهيو آهي، پر هر ڏکئي وقت ۾ هڪ قابل اعتماد ساٿي پڻ ثابت ٿيو آهي۔

هن چيو ته چين اڄ معاشي ترقي ۽ فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا جي وڏين طاقتن ۾ شامل آهي، ۽ چين جي ترقي عالمي خوشحالي لاءِ انتهائي اهم آهي۔ وزيراعظم اهو به يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي اعليٰ سطح جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل سهڪار وڌيڪ وڌايو ويندو۔

تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پنگ جلد پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي جا جشن سڄو سال جاري رهندا۔

Share This Article
Leave a Comment