شڪارپور: جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

1 Min Read

شڪارپور: (عتيق ڌڪڙ) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ جتن جي ڪڙي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ علي حسن جمالي گولي لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش مدئجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاش ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Share This Article
Leave a Comment