قمبر: ڳوٺ هوت خان چانڊيو ۾ زمين جي معاملي تان پيءُ مينگل چانڊيو ۽ سندس پٽ مجيد چانڊيو وچ ۾ جهيڙي دوران وچ ۾ آيل عورت گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي سڃاڻپ پنجن ٻارن جي ماءُ عابده چانڊيو طور ٿي آهي.
مقتولا جي ڀاءُ اسد علي چانڊيو الزام هنيو ته سندس ڀيڻ عابده چانڊيو کي بيگناهه قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي. هن پوليس کان واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.


