Focus with Zardari
اهم خبرون

ڄامشوري ۾ معذور ڪوٽا تي ڀرتين خلاف درخواست، تعليمي سرٽيفڪيٽن جي جاچ جو حڪم

2 Min Read

حيدرآباد(راحبا خان) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، ڄامشوري ضلعي ۾ معذور ڪوٽا تحت ڀرتين ۾ ميرٽ جي مبينا لتاڙ ۽ من پسند اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سميت لاڳاپيل عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عدالت تعليمي سرٽيفڪيٽن جي جاچ ڪري ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس جعفر رضا تي ٻڌل بئنچ ۾ ڪوٽڙي واسي عبداللطيف، ايڊووڪيٽ واجد علي خاصخيلي معرفت درخواست داخل ڪئي. درخواستگذار جو موقف آهي ته هو معذور ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ اهل هجڻ باوجود نظرانداز ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين من پسند اميدوارن جا انٽرويو وٺي کين نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويا.

ٻڌڻي دوران ضلعي انتظاميا طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار جو تعليمي سرٽيفڪيٽ ڪوڙو آهي. ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جنهن اسڪول مان عبداللطيف تعليم حاصل ڪئي، ضلعي انتظاميا اتان سندس سرٽيفڪيٽ جي تصديق ئي نه ڪرائي آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڀرتيون 2024ع ۾ ڪيون ويون، جڏهن ته تعليمي سرٽيفڪيٽن جي جاچ 2025ع ۾ ڪئي پئي وڃي. عدالت لاڳاپيل عملدارن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته سرٽيفڪيٽن جي مڪمل جاچ ڪري ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

- Advertisement -

عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment