لاڙڪاڻي ۾ پسند جي شادي تان پيءُ هٿان ڌيءُ ۽ ناٺي قتل، گرفتاري پيش

1 Min Read

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو شهر جي مصروف ترين علائقي اتاترڪ ٽاور ڀرسان غيرت جي نالي تي هڪ هانءُ ڏيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ پيءُ پسند جي شادي ڪرڻ تان پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار محمد پريل انڙ فائرنگ ڪري پنهنجي مبينا پسند جي شادي ڪندڙ ڌيءَ فردوس انڙ ۽ سندس مڙس جاويد ڪورڪاڻي کي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ جوابدار محمد پريل انڙ فرار ٿيڻ بدران واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار سميت پاڻمرادو پوليس اسٽيشن پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جنهن پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
پوليس مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

Share This Article
Leave a Comment