لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي ماھوٽا ٿاڻي جي حد سنڌ گرين ڪالوني ۾ آڌي رات جو هڪ هانءُ ڏيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي هٿياربندن هڪ گهر تي ڪاهه ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
مارجي ويلن ۾ ۾ گهر ڌڻي بنده علي مغيري جي 55 سالا گهر واري زرينا، ٻه پٽ 36 ورهين جو ضمير، 28 ورهين جو روشن علي ۽ 26 ورهين جي نياڻي صائما مغيري شامل آهن، جڏهن ته گهر جو سربراهه بنده علي ۽ سندس 4 سالن جي ڏوهٽي ڪجلي مغيري سخت زخمي ٿي پيا آهن.
اطلاع ملڻ تي ماھوٽا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو.
اسپتال ۾ زخمي بند علي مغيري پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ اصغر علي مغيري جي قتل جو ڪيس مٿن داخل ٿيل هو، جنهن جي رنجش تان جوابدار غلام نبي مغيري پنهنجي ساٿين سان گڏجي رات جي اونداهي ۾ سندن گهر تي حملو ڪيو.
واقعي بعد سڄي علائقي ۾ خوف و حراست وارو ماحول بڻيل آهي ۽ پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪري رهي آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان گهر تي ڪاهه، ماءُ، ٻن پٽن ۽ نياڻي سميت قتل
Leave a Comment Leave a Comment

