ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت پي ٽي آءِ جي ميمبر محمد اويس پاران پيش ڪيل ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
سينيئر صوبائي وزير ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ جي ميمبر جي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي.
شرجيل ميمڻ وفاقي حڪومت پاران پيٽرول تي 100 رپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول ڪرڻ کي وڏو الميو قرار ڏيندي چيو ته موجوده حالتن ۾ پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي.
هن چيو ته 2008ع ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو واڌ ٿي هئي ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت کان ڌار ٿي وئي هئي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم هن وقت وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ان سان ڳالهائڻ گهرجي، ڇو ته مهانگائي سبب پگهاردار طبقو سخت پريشان آهي.
هن وفاقي حڪومت کي مطالبو ڪيو ته هوش کان ڪم وٺي ۽ پيٽروليم ليوي ختم ڪري، جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.


