جيڪب آباد (حاڪم علي)مستونگ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيشن جج گارڊ سميت قتل ٿي ويو جڏهن ته جيڪڏهن واسي جج زخمي ٿي پيو آهي.
جيڪب آباد واسي ايڊيشنل سيشن جج طارق لاشاري، بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو جنهن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.
مستونگ ڀرسان قومي شاهراهه تي ٿيل حملي ۾ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندس گارڊ محمد زمان مارجي ويا، جڏهن ته ايڊيشنل سيشن جج طارق لاشاري زخمي ٿي پيو.
زخمي جج کي فوري طور علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت هاڻي خطري کان ٻاهر ۽ بهتر ٿي رهي آهي.


