ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي حمايت ۾ احتجاج، حيدرآباد ۾ به پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، گرفتاريون

1 Min Read

حيدرآباد: (ذاڪر لغاري) ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس جي ڪارروائي خلاف نوجوانن پاران حيدرآباد باءِ پاس واڌو واهه گيٽ وٽ احتجاج ڪري روڊ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ جاري ڌرڻي تي لٺبازي، گرفتارين ۽ زبردستي ڌرڻو ختم ڪرائڻ خلاف پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نوجوان احتجاج لاءِ روڊ تي نڪري آيا.

اطلاع ملڻ تي نسيم نگر پوليس سميت حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي وڏي نفري واڌو واهه گيٽ وٽ پهچي وئي، جنهن احتجاج ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪري قومي شاهراهه کولرائي ڇڏيو.

پوليس ڪارروائي دوران ڪيترن ئي نوجوانن ۽ ايڪشن ڪميٽي سان لاڳاپيل اڳواڻن کي گرفتار ڪري نسيم نگر ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته باءِ پاس ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.

روڊ بندش سبب ڪيترن ئي ميلن تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته پوليس جي ڪارروائي خلاف نوجوانن ۽ شهرين ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني پکڙيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment