نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ ڇٽل راڄپر جي رهواسين مسمات نورجهان، مسمات الهه وسائي ۽ سون سولنگي الزام هنيو آهي ته سندن سئوٽن محراب، اسلم، امجد ۽ اعظم سولنگي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو اڳ سندن نياڻي مسمات حمل کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عورتن چيو ته جوابدار نه رڳو نياڻي سان رابطو نٿا ڪرائن، پر مطالبو ڪرڻ تي کين موتمار ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا. سندن چوڻ هو ته کين خدشو آهي ته سندن نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي.
متاثر عورتن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن نياڻي کي بازياب ڪرائي، ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇو ته سندن سڄو خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي.


