مسلمان ڀائر آهن، مذهب ڪارڊ هلڻ نه ڏيندس: تامل ناڊو جو نئون وڏو وزير جوزف وجي

1 Min Read

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تامل فلمن جي سپر اسٽار ۽ سياسي پارٽي تاملگا ويٽري ڪزگم جي سربراهه جوزف وجي تامل ناڊو جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي.
چنائي جي جواهر لعل نهرو اسٽيڊيم ۾ منعقد تقريب ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جو عهدو سنڀاليندي ئي جوزف وجي عوامي ڀلائي لاءِ ٽي وڏا فيصلا ڪيا، جن ۾ 200 يونٽ مفت بجلي، عورتن جي تحفظ لاءِ فورس ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس جو قيام شامل آهي.
پنهنجي پهرين خطاب ۾ هن واضح ڪيو ته هو مذهب جو ڪارڊ نه هلڻ ڏيندو ۽ سندس حڪومت هندو، مسلم ۽ عيسائي سڀني جي هوندي.
هن چيو ته مسلمان منهنجا ڀائر آهن ۽ رياست ۾ ڪنهن به قسم جي مذهبي فرق کي برداشت نه ڪيو ويندو.
51 سالن جو جوزف وجي 2026 جي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻڻ بعد هاڻي 13 مئي تي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪندو.

Share This Article
Leave a Comment