ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قانون نافذ ڪندڙ ادارن بلوچستان ۾ هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ آپگهاتي بمبار عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ٻڌايو ته دهشتگرد تنظيمون معصوم عورتن ۽ نياڻين کي بليڪ ميل ڪري دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن.
گرفتار عورت پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته کيس پيءُ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي دهشتگرد تنظيم لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته شروع ۾ هوءَ کين مانيون پچائي ڏيندي هئي ۽ موبائل ڪارڊ موڪليندي هئي، جنهن کانپوءِ کيس آپگهاتي حملي لاءِ تيار ڪيو ويو.
سرفراز بگٽي چيو ته عورتن کي اهڙي ريت استعمال ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي ۽ دهشتگرد رڳو پنهنجي پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا.

فورسز هٿان بلوچستان مان آپگهاتي بمبار عورت گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

