ملير(شاهد ڇڄڙو( ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ سومار ڪنڊي ڳوٺ ڀرسان فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو.
اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 23 ورهين جي مجاهد احمد ولد عبدالجبار طور ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ موجب واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، جڏهن ته قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.


