ڪراچي (رپورٽر) سي پي ايل سي جي تازي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ آگسٽ دوران اسٽريٽ ڪرائم جون 5204 وارداتون رپورٽ ٿيون، جيڪي گذريل 7 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ آهن.
آگسٽ ۾ 2678 موٽر سائيڪلون ۽ 124 گاڏيون چوري ٿيون.
رپورٽ موجب هٿيارن جي زور تي 1884 موبائل فون، 502 موٽر سائيڪلون ۽ 16 گاڏيون ڦر ڪيون ويون، جڏهن ته ڀتي خوري جا 8 واقعا ۽ قتل جي 44 وارداتون رپورٽ ٿيون.
جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران گاڏين جي ڦر ۾ 33 سيڪڙو ۽ چوري ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو.
هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون مجموعي وارداتون 39098 تائين پهچي ويون.


