ملير(شاهد ڇڄڙو) گڏاپ سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات جي مبينا ترسيل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب مين سپر هاءِ وي روڊ تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ رستي تي ٽول پلازا ڀرسان ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران جوابدار سلطان ۽ فرحان الله کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 4 ڪلو 800 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته منشيات جي ترسيل لاءِ استعمال ٿيندڙ بس پڻ تحويل ۾ ورتي وئي آهي.
پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


