ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ اميد ديرو ۾ وحشت جي انتها ٿي وئي آهي، جتي هڪ بي رحم پيءُ پنهنجي 14 ورهين جي سڳي پٽ محمد علي کي ڇريءَ سان ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
مقتول نينگر جي چاچي ميڊيا کي ڏکوئيندڙ بيان ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي ڀاءُ رزاق پنهنجي ئي سڳي پٽ کي مسجد جي اندر ڪُهي ماري ڇڏيو آهي.
رپورٽن مطابق وحشي جوابدار پنهنجي ٽن پٽن کي هڪ ئي وقت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن دوران ٻن پٽن ڪنهن طريقي سان جوابدار وٽان ڀڄي پنهنجي جان بچائي، پر بدقسمت 14 ورهين جو محمد علي وحشي پيءُ جي هٿ چڙهي ويو.
هن لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي کانپوءِ پوري علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.

ميهڙ: پيءُ 14 ورهين جي پٽ کي مسجد ۾ ڪُهي ماري ڇڏيو، ٻن پٽن ڀڄي جان بچائي
Leave a Comment Leave a Comment

