نئون دمبالو (ويب ڊيسڪ) نئون دمبالو ڀرسان ڳوٺ خان محمد جسڪاڻي ۾ هڪ انتهائي دردناڪ ۽ افسوسناڪ سانحو پيش آيو آهي، جتي ڪالهه کان پراسرار نموني گم ٿيل ٻن معصوم ٻارن جا لاش گهر اندر پيل هڪ لوهي پيتي مان هٿ آيا آهن.
فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي سڃاڻپ مرڪ ڌيءَ مصطفيٰ ۽ جميل پٽ سومار جي نالن سان ٿي آهي.
ٻارن جا لاش گهر مان ملڻ واري اطلاع کانپوءِ پوري علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي ۽ مقتول ٻارڙن جي گهرن ۾ قيامت برپا آهي.
واقعي کانپوءِ وارثن پاران ٻنهي معصوم ٻارن جي لاشن کي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم جي عمل لاءِ ٽنڊو غلام علي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پيتيءَ ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سبب ساهه ٻوساٽجڻ آهي يا ڪو ٻيو معاملو، پوليس پاران ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

نئون دمبالو: ڪالهه کان گم ٿيل ٻن معصوم ٻارن جا لاش گهر جي لوهي پيتي مان هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

