اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، ۽ پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ٻيهر اسلام آباد معاهدي ڏانهن آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي ڀيٽ ۾ صورتحال ڪجهه پرامن ٿي آهي، پر خطي جي سلامتي اڃا به نازڪ آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته موجوده ڇڪتاڻ جو واحد حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ آهي، ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ ٿيندڙ هر ڪوشش جي آجيان ڪري ٿو.
طاهر اندرابي موجب ڌرين وچ ۾ خاص طور هرمز معاملي جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت به رابطا جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڌريون ٻيهر اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ڏانهن موٽن، جيئن اسلام آباد معاهدي ۽ پاڪستان-قطر گڏيل پڌرائي جي روح موجب اختلاف ختم ڪري اڳڀرائي ٿي سگهي.
ترجمان ٻنهي ڌرين تي زور ڏنو ته هو صبر جو مظاهرو ڪن ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد لاءِ فني سطح جون ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن.


