مٺي: رمضان کوسو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او کي آجو ڪرڻ واري پوليس رپورٽ رد، جوابدار قرار

1 Min Read

مٺي (رپورٽر) پنج مهينا اڳ ڏيپلو ڀرسان قتل ٿيل بدين جي رهواسي نوجوان رمضان کوسو جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ مير جٽ جي عدالت ۾ ڪيس جي چالان تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت پوليس پاران اڳوڻي ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ کي ڪيس مان آجو ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ٽو (بي) ڪلاس رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.
فريادي ڌر جي وڪيل موجب، عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ کي ڪيس ۾ باقاعده جوابدار قرار ڏنو آهي.
ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار حسين بخش راڄڙ، پرڪاش ۽ عطا بجير عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيل موجب، ڪيس جي ڪل 6 جوابدارن مان هڪ جوابدار شوڪت راهمون کي عدالت مفرور قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ٻڌڻي موقعي تي فريادي عبدالسلام کوسو پنهنجي وڪيل جهلم سنگهه سان گڏ عدالت ۾ موجود هو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي فريادي عبدالسلام کوسو چيو ته هو ٻن ڏينهن اندر حسين بخش راڄڙ جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته کين عدالتن مان مڪمل انصاف ملندو.

Share This Article
Leave a Comment