”مامو قتل ڪري ڇڏيندو“ خيرپور ۾ 8 سالن جي ٻارڙي تي ڪارنهن جو الزام

2 Min Read

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت سوز واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ 8 سالن جي معصوم ٻارڙي تي ڪارنهن جو الزام هڻي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. معصوم ٻارڙي تحفظ لاءِ پوليس وٽ پهتي پر پوليس پاران مدد ڪرڻ بدران کيس واپس موڪلي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻارڙي جي فرياد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
تفصيل موجب، خيرپور ڀرسان ڳوٺ مسيح منگريو جي رهواسي 8 سالن جي ٻارڙي شهلا منگريو جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ روئيندي پنهنجي مامي تي سنگين الزام هڻي رهي آهي. ٻارڙي شهلا پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجي مامي بالو منگريو مون تي ڪاري جو الزام لڳايو آهي، هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا، خدارا مون کي تحفظ ڏنو وڃي.
معصوم ٻارڙي وڊيو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پهريان پوليس وٽ مدد لاءِ وئي هئي، پر پوليس اهلڪارن کيس تحفظ ڏيڻ يا ڪارروائي ڪرڻ بدران ٿاڻي تان واپس تڙي ڇڏيو، جنهن ڪري سندس جان کي سخت خطرو لاحق آهي.
ٻارڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ عوامي دٻاءُ وڌڻ کانپوءِ ايس ايس پي خيرپور واقعي جو سختي سان نوٽس ورتو آهي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙي کي هر صورت ۾ مڪمل تحفظ ڏنو ويندو ۽ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پوليس پاران واقعي جي باقاعده جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment