مٽياري ڀرسان واهه ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٽن نوجوانن جون آخري رسمون ادا

1 Min Read

مٽياري(عادل علي خشڪ) مٽياري ڀرسان 3 دري واهه ۾ ٻڏي فوت ٿيل گجراتي برادريءَ جي ٽن نوجوانن جون آخري رسمون سندن اباڻي قبرستان ۾ ادا ڪيون ويون.

ٽنهي نوجوانن جي 3 دري واهه ۾ پوجا پاٽ ڪرڻ واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ٽئي نوجوان 3 دري واهه ۾ پوجا پاٽ ڪري رهيا هئا ته اوچتو پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ ٽنهي نوجوانن جي لاشن جي لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن تائين مسلسل ڳولا ڪئي وئي، جنهن بعد لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيا ويا ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

لاش گهرن ۾ پهچائڻ تي گجراتي پاڙي ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

فوت ٿيلن ۾ انيل گجراتي، شون گجراتي ۽ ڪمار گجراتي شامل آهن.

Share This Article
Leave a Comment