نوشهروفيروز: تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ فوت، 9 زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي)  نوشهروفيروز ڀرسان نورپور وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي ضلعي اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو، جتي کين هنگامي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه ۽ گمبٽ جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ جي سڃاڻپ فاروق احمد چنا طور ٿي آهي، جيڪو ڳڙهي خيرو، ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو، زخمين ۾ مسمات زرينه، علي محمد، امير بخش، واحد بخش ۽ ٻيا شامل آهن.

پوليس موجب بلال ڪوچ شڪارپور کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته نورپور ڀرسان سامهون ويندڙ ٽرالر سان پٺيان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هي حادثو پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment