گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ واري معاملي تي پوليس پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ سميت مختلف قانوني قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب ڪيس ۾ 13 سڃاتل جوابدارن سميت لڳ ڀڳ 150 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. نامزد جوابدارن ۾ سهڻي پارس، پنهل ساريو، گل حسن کوسو، سردار سولنگي، جبار شيخ، شهناز شيخ، مٺل کهڙو، شمس الدين سولنگي، ابراهيم سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن.
ايف آءِ آر موجب جوابدارن خلاف قومي جهنڊي جي توهين، سرڪاري ڊيوٽي ۾ مداخلت، پٿراءُ، روڊ بند ڪرڻ ۽ ٻين قانوني قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي پڻ شروع ڪئي وئي آهي.


