هالا (رپورٽ: عامر انڙ) نيوسعيدآباد ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ گم ٿيل 60 ورهين جي شخص محمد بخش ڪاڪا جو لاش هٿ آيو، جنهن کي ڪتن جسم جي مختلف حصن تان چڪي ڇڏيو هو.
مهراڻ هاءِ وي تي شاهه پنجو کان ڀليڏنو ڪاڪا لنڪ روڊ تان گذرندڙ ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس لاش تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد منتقل ڪيو، جتي سڃاڻپ محمد بخش پٽ محمد عرس ڪاڪا طور ٿي. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.


