بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جا مختلف آپريشن، 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بنياد تي ڪاررواين دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن ردالفتنہ 3 تحت زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ جبلن واري علائقي ۾ وڏي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي گهيري ۾ وٺي 8 دهشتگرد ماريا ويا ۽ سندن ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا.

ضلعي سوراب جي علائقي حاجيڪا ڳوٺ ۾ ٻي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو. ذريعن موجب دهشتگردن وٽان گولا بارود، ميگزين، دستي بم، واڪي ٽاڪي، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ آيو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائيندڙ جوانن تي قوم کي فخر آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment