واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ميٽا انتظاميه پراڻن آپريٽنگ سسٽمز تي هلندڙ اسمارٽ فونز لاءِ واٽس اپ سپورٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان قدم جو مقصد صارفين جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ، پرائيويسي جي تحفظ کي وڌائڻ ۽ ايپ ۾ شامل ڪيل جديد مصنوعي ذهانت اَي آئي وارن فيچرز کي وڌيڪ بهتر نموني هلائڻ آهي.
واٽس اپ 8 سيپٽمبر 2026 کانپوءِ پراڻن اينڊرائيڊ ورژنز تي ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو. اينڊرائيڊ 5.0، 5.1 ۽ اينڊرائيڊ 6 کان پراڻن ورژنز تي هلندڙ سڀئي موبائل فون واٽس اپ جي رسائي وڃائي ويهندا.
هاڻي صرف اينڊرائيڊ 6.0 ۽ ان کان مٿي وارن ورژنز تي واٽس اپ استعمال ڪري سگهبو. پراڻن فونز جي صارفين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 8 سيپٽمبر کان اڳ پنهنجي چيٽ هسٽري ۽ ميڊيا جو بئڪ اپ وٺي نئين ڊيوائس تي منتقل ڪن، ٻي صورت ۾ سڄو ڊيٽا ضايع ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته واٽس اپ پاران مسلسل متعارف ڪرايل جديد ٽولز ۽ اَي آئي فيچرز لاءِ اهڙي هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر جي ضرورت آهي جيڪي پراڻن فونز ۾ موجود ناهن، جنهن ڪري هي سخت فيصلو ڪيو ويو آهي.


