ميهڙ ڪيس جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج، حياتي کي خطرو آهي: ام رباب

3 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ام رباب چانڊيو پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس مان ايم پي اي سردار خان چانڊيو، سندس ڀاء برحان خان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ بابت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت ڏاڍو جي عدالت جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي.

ام رباب چانڊيو پنھنجي وڪيل صلاح الدين پنھور معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو تھ جوابدار انتهائي بااثر آهن جن مان سندس حياتي کي خطرو آھي جنھن ڪري ماڊل ڪورٽ دادو جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪا چيف جسٽس منظور ڪندي اجازت ڏئي ڇڏي جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اپيل داخل ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ آئيندي ام رباب چانڊيو جي وڪيل چيو ته اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ماڊل ڪورٽ جي جج شاهدن جي بيانن کي نظر انداز ڪري جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏئي بري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هن ڪيس جي نوعيت ٻين ڪيسن کان مختلف آهي.

ڪيس ۾ نامزد جوابدار بااثر سردار آهن. قتل جو سبب واضع ڄاڻايل آهي ته تمنداري ڪونسل جو اجلاس سڏائڻ تي واقعو ٿيو آهي.

هن چيو ته عدالت فيصلي ۾ جوابدارن خلاف دڪاندارن کي اکين ڏٺي شاهد طور پيش نه ڪرڻ کي بنياد بڻائي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ سردارن خلاف دڪاندار ڪيئن شاهدي ڏئي سگهن ٿا.

داخل ڪيل اپيل ۾ سردار خان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي بريت واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.

ان موقعي تي ام رباب چانڊيو چيو تھ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون، 8 سالن جي جدوجھد باوجود جدوجھد جاري رکڻ لاءِ حوصلو آھي. منھنجي ڪيس جي فيصلي بعد جاگيرداري وڌيڪ مضبوط نظر اچي رھي آھي، غيرت جي نالي تي واقعا به ان جي ڪڙي آھن.

 ھن چيو ته فيصلو ئي ڪمزور آھي، ججمينٽ پڙھڻ سان لڳي ٿو تھ شاھدن کي پڙھڻ بنا فيصلو لکيو ويو آھي، ماڊل ڪورٽ جي جج اھم ثبوتن کي نظرانداز ڪري بااثر جوابدارن کي بري ڪيو، سردار خلاف ميھڙ جو ڪھڙو دڪاندار بيان ڏيندو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته عدالت انصاف ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment