وزن ڪيئن گھٽائجي؟ ٿولهه جو شڪار ماڻهن لاءِ خوشخبري

1 Min Read

ڪراچي  ( ويب ڊيسڪ ) هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جسم کي ٿڌي ماحول ۾ رکڻ سان وزن تيزي سان گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي۔

 يونيورسٽي آف ناٽنگهم ۽ ليڊئن يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي محققن جي گڏيل تحقيق ۾ 47 موٽاپي جو شڪار ماڻهن تي تجربو ڪيو ويو، جن ٿڌي ويسٽ پائي جسم کي ٿڌي ماحول ۾ رکيو ۽ نتيجي ۾ انهن جو وزن نسبتاً تيزي سان گهٽ ٿيو۔

سائنسدانن موجب روزانو جسم کي ٿڌ ۾ رکڻ سان “براون فئٽ” فعال ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڪيلوريز ساڙي جسم ۾ گرمي پيدا ڪري ٿي ۽ ان عمل سان جسم جي چرٻي گهٽ ٿيڻ لڳي ٿي۔

تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر ميرٽ بون ٻڌايو ته هي شروعاتي تحقيق آهي جنهن ۾ ڊگهي عرصي تائين ٿڌ جي اثرن کي موٽاپي وارن ماڻهن تي پرکيو ويو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته ٿڌو ماحول جسم کي براون فئٽ فعال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، جڏهن ته پٺا به گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا، خاص طور تي ڏڪڻ جي عمل ذريعي، ته جيئن جسم جو گرمي پد برقرار رهي سگهي۔

Share This Article
Leave a Comment