ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پنهنجي نون، ٻيهر ترتيب ڏنل ۽ ڪجهه حد تائين منفرد ڏيک رکندڙ ايپ آئڪنز سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن۔
اهي نوان آئڪنز گذريل مهيني پهريون ڀيرو سامهون آيا هئا ۽ تڏهن کان وٺي سماجي ميڊيا تي انهن بابت وڏي بحث جاري آهي۔
نئين ڊيزائن ۾ گوگل پنهنجي پراڻي روايت کي ٽوڙي ڇڏيو آهي۔ هاڻي هر ايپ آئڪن ۾ لازمي طور تي گوگل جا چار مشهور رنگ استعمال نه پيا ڪيا وڃن۔ ڪيترن نون آئڪنز ۾ گهٽ رنگ، وڌيڪ گريڊيئنٽس ۽ اڳ کان وڌيڪ چمڪدار ۽ متحرڪ انداز اختيار ڪيو ويو آهي۔
صارفين جي راءِ انهن نون آئڪنز بابت ورهايل نظر اچي ٿي۔ ڪجهه ماڻهن کي هي تبديلي پسند نه آئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي واهپيدار خوش آهن ته گوگل هاڻي پراڻي ڊيزائن کان ٻاهر نڪري جديد اسٽائل اختيار ڪري رهيو آهي۔


