ڪراچي (پريس رليز) ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، آئين جي تحفظ، پارلياماني بالادستي ۽ 18 هين ترميم تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، ملاقات دوران جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ به موجود هئا.
ذريعن موجب ملاقات دوران 28 هين ترميم ذريعي اٺارهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي افواهن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي۔
ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته 18 هين ترميم تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي، آئين جي شڪل کي بگاڙڻ جي هر ڪوشش کي روڪيو ويندو۔
هن چيو ته اڳواڻن ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو، جڏهن ته اٺارهين ترميم ذريعي آمريت جي باقيات کي به ختم ڪيو ويو۔
سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيئرمين رضا رباني چيو ته آئين وفاق، صوبن ۽ سڀني قوميتن جي حقن جو ضامن آهي ۽ جيڪڏهن آئين ڪمزور ٿيو ته ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي۔
ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 18 هين ترميم وفاقي يونٽن جي حقن ۽ صوبائي خودمختياري جي ضمانت آهي ۽ آئين سان ڇيڙڇاڙ دراصل وفاق ۽ جمهوريت تي حملي برابر آهي۔
ٻنهي اڳواڻن عزم ڪيو ته آئين، جمهوريت، پارلياماني بالادستي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکي ويندي۔


