اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم ڇنڇر 23 مئي تي جو اهم دورو ڪندو، جتي هو اعليٰ سطح جي ڳالهين ۽ ملاقاتن ۾ شرڪت ڪندو۔
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين ۽ پاڪستان جي قيادت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي وارن موضوعن تي تفصيلي خيال ونڊيندي۔
هن وڌيڪ چيو ته چين، پاڪستان سان گڏجي وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي جلد بحالي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندو۔
ترجمان موجب چين، پاڪستان جي “منصفاڻِي ۽ متوازن” سفارتي ڪردار جي مڪمل حمايت ڪري ٿو۔
واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڪجهه مهينن دوران ۽ وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ اهم ثالثي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته گذريل مهيني پاڪستان اهڙين ڳالهين جي ميزباني پڻ ڪئي هئي، پر اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو سامهون نه اچي سگهيو آهي۔
ٻئي طرف آمريڪي صدر تازو خبردار ڪيو آهي ته سفارتڪاري لاءِ موجود وقت تيزي سان ختم ٿيندو پيو وڃي، جيتوڻيڪ 8 اپريل کان جنگ بندي جاري آهي۔
رپورٽن موجب گذريل ٻن هفتن دوران بيجنگ ۾ روسي صدر ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي به ميزباني ڪئي وئي، جنهن سان چين جي عالمي سفارتي سرگرمين ۾ واڌ واضح نظر اچي رهي آهي۔


