لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي الزام لڳايو هو ته مسلم ليگ ن جي ايم پي اي طرفان کيس ۽ سندس خاندان کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن۔ هن چيو هو ته هوءَ مختلف ادارن ۾ شڪايتون به داخل ڪرائي چڪي آهي، پر ڪارروائي ڪرڻ بدران معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
اڄ مومنہ اقبال ۽ ليگي ايم پي اي ثاقب چدھڙ پنهنجن وڪيلن سميت لاهور ۾ جي آفيس ۾ پيش ٿيو، جتي اداڪارا طرفان پنهنجي دعوائن جا ثبوت به جمع ڪرايا ويا۔ اين سي سي آءِ اي بعد ۾ ٻنهي ڌرين کي باقاعده طلب ڪيو، جڏهن ته اداڪارا پنهنجي درخواست ۾ ثاقب چڊڙ سان گڏ سندس گهرواري کي به نامزد ڪيو آهي۔
ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چيو ته وزيراعليٰ مومنہ اقبال واري معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ اداڪارا سميت سندس خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن۔ هن چيو ته عورتن سان هراسان ڪرڻ يا ذهني تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔
پيشي کان پوءِ مومنہ اقبال جي وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسئلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن اداڪارا جي شادي طئي ٿي۔ سندن چوڻ هو ته ثاقب چڊھڙ اداڪارا سان شادي ڪرڻ چاهيندو هو ۽ ان سلسلي ۾ رشتو به موڪليو ويو هو۔
وڪيلن موجب ٻنهي وچ ۾ 2022ع کان 2023ع تائين لاڳاپا رهيا، پر بعد ۾ مومنہ اقبال کي خبر پئي ته ايم پي اي اڳ ئي شادي شده آهي ۽ ٽين شادي ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن بعد اداڪارا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ۽ سندس شادي ڪنهن ٻي هنڌ طئي ٿي وئي، جيڪا ايندڙ جون ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي۔
وڪيلن الزام هنيو ته مومنہ اقبال جي رشتو طئي ٿيڻ کان پوءِ ايم پي اي کيس هراسان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي اثر رسوخ استعمال ڪندي اداڪارا جي مستقبل جي مڙس خلاف ڪوڙو ڪيس به داخل ڪرايو۔
هنن چيو ته شادي جي تيارين ۾ شامل ماڻهن کي به تنگ ڪيو پيو وڃي، پر شادي مقرر تاريخ تي ئي ٿيندي۔ وڪيلن موجب سمورا ثبوت لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن ۽ هنن وزيراعليٰ پنجاب جو نوٽيس وٺڻ ۽ سيڪيورٽي ڏيڻ تي شڪريو به ادا ڪيو۔
ٻئي طرف ثاقب چڊھڙ جي وڪيل چيو ته کين سوشل ميڊيا تي مبينا طور غير مناسب مواد اپلوڊ ٿيڻ بابت نوٽيس مليو آهي۔
هن چيو ته الزامن جي مڪمل تفصيل ملڻ کان پوءِ ئي سندن واضح مؤقف سامهون آندو ويندو۔ سندس چوڻ هو ته هراسان ڪرڻ جا الزام سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، پر اهڙن معاملن لاءِ اين سي سي آءِ اي مناسب فورم ناهي۔
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن غير قانوني مواد جي اشاعت ثابت ٿي ته قانون موجب ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو


