پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اهم مفاهمتي يادداشت نامن ۽ معاهدي تي صحيحون

2 Min Read

سانيا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ چين جي ادارن جي وچ ۾ ٻن مفاهمتي يادداشتن ۽ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب چين جي شهر سانيا ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري شرڪت ڪئي۔

تقريب دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 75 سالن جي دوستي تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي۔ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميراتي مشينري، جانورن جي صحت ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون۔

 الحسن ٽريڊ اسٽيبلشمينٽ، سيني انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ۽ هينان جيالونگ انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت ٽن ڌرين جي سھڪار ذريعي سي پيڪ سان لاڳاپيل تعميراتي مشينري ۽ اوزارن جي فراهمي کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان ۾ ڪارخانن جي قيام لاءِ سيڙپڪاري جي موقعن جو پڻ جائزو ورتو ويندو۔

هن مفاهمتي يادداشت تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، سيني گروپ جي نائب صدر لي چن ۽ چيئرمين هاؤ جيالونگ صحيحون ڪيون۔

ان کانسواءِ، پاڪستان ۾ جانورن جي صحت لاءِ ويڪسينز، خاص طور تي مھاڙي جي بيماري جي ويڪسين جي فراهمي لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جو معاهدو پڻ طئي ٿيو، جنهن ۾ جانورن لاءِ ٽريڪ ۽ ٽريس ايبلٽي سسٽم لاڳو ڪرڻ بابت مستقبل جي سھڪار جي شق پڻ شامل آهي۔

هن معاهدي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن ۽ لوئيانگ ماڊرن بايولاجي گروپ جي چيئرمين وانگ شانپو صحيحون ڪيون۔

ان کان سواءِ ڊاڪٽر ضياءُالدين اسپتال ۽ شينزن وي بانگ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ڪلينڪل ميڊيسن ۾ ذهين طبي روبوٽن جي جديد استعمال کي ھٿي ڏيڻ آهي۔

هن مفاهمتي يادداشت تي ڊاڪٽر ضياءُالدين اسپتال جي ڊاڪٽر انوپ ڪمار داواڻي ۽ شينزن وي بانگ ٽيڪنالاجي جي ڊپٽي جنرل مينيجر مسٽر ڊينگ هاءِ تاؤ صحيحون ڪيون۔ تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري سنڌ علي حسن بروهي ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي پڻ موجود هو۔

Share This Article
Leave a Comment