گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) پريا ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي پريا ڪماري، اجالا سولنگي، نويد لاشاري، خوشي مهر سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.
مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ بعد پوليس برسات جو فائدو وٺندي مظاهرين تي لٺبازي شروع ڪري ڏني.
احتجاج ڪندڙن جو الزام آهي ته خيرپور ۽ سکر ضلعن جي پوليس عملدارن، مغوي ٻارن جي وارثن ۽ صحافين تي به تشدد ڪيو ۽ کين روڊ تي گهليو ويو.
احتجاج ڪندڙن موجب، پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس، لياقت جلباڻي، خوشي مهر جي ماءُ، اجالا سولنگي جي پيءُ ۽ صحافي ساحل جوڳي کي پوليس کنڀي کڻي وئي.
سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سيد جعفر شاهه واقعي جي مذمت ڪندي وڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته پرامن مظاهرين خلاف پوليس جو تشدد افسوسناڪ آهي.
هن الزام لڳايو ته مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ تشدد بعد کين کنڀيو ويو آهي.
ٻئي طرف خيرپور پوليس ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي.
هوڏانهن ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران مذمت ڪئي پئي وڃي.


