يمن تڪرار جو فوجي حل ممڪن ناهي، ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪيو وڃي: ايران

1 Min Read

تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته سعودي عرب ۽ يمن وچ ۾ جاري تڪرار جو فوجي حل ممڪن ناهي، سڀني ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي واپس اچي اڳواٽ طئي ٿيل روڊ ميپ تي عمل ڪرڻ گهرجي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته يمن جي بحران جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل رڳو ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. سندس چوڻ هو ته يمن ۾ جاري بحران سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا جون علائقائي پاليسيون صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيون آهن.

هوڏانهن حوثين سان لاڳاپيل ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمان ۾ حوثي ترجمان محمد عبدالسلام ۽ سعودي وفد وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران علائقائي سلامتي، استحڪام ۽ يمن بابت اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون. سعودي اختيارين ان ملاقات بابت اڃا تائين ڪو سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment