ٽرمپ جي ايران بابت آمريڪي فوجي ڪارروائي تي ميڊيا رپورٽن تي تنقيد

2 Min Read

واشنگٽن ڊي سي( ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جاري آمريڪي فوجي ڪارروائي بابت ميڊيا ۾ نشر ٿيندڙ رپورٽن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هڪ انٽرويو دوران ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران خلاف ڪارروائين لاءِ آمريڪا وٽ وڏي مقدار ۾ بارود ۽ جنگي سامان موجود آهي، جيڪو موجوده آپريشن يا مستقبل ۾ ڪنهن ٻي جنگ جي ضرورت کان به وڌيڪ آهي.

ٽرمپ موجب آمريڪا ڪنهن به ممڪن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فوجي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي.

آمريڪي صدر چيو ته ايران ۾ جاري فوجي آپريشن بابت ميڊيا طرفان حقيقتن جي ابتڙ رپورٽنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته آمريڪي فوج لاءِ نئين جنگي هٿيارن جي تياري رڪارڊ سطح تي جاري آهي.

ٽرمپ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا تي به تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته بائيڊن حڪومت يوڪرين ۽ نيٽو جي جنگ ۾ اربين ڊالرن جا هٿيار مفت فراهم ڪيا، جڏهن ته سندس دور ۾ يورپ کي فراهم ڪيل فنڊ واپس وٺڻ تي غور ڪيو ويندو.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو درست هو ۽ سندس دعويٰ آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ کٽي چڪو آهي.

Share This Article
Leave a Comment