Focus with Zardari

ٽرمپ جي ايران بابت آمريڪي فوجي ڪارروائي تي ميڊيا رپورٽن تي تنقيد

2 Min Read

واشنگٽن ڊي سي( ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جاري آمريڪي فوجي ڪارروائي بابت ميڊيا ۾ نشر ٿيندڙ رپورٽن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هڪ انٽرويو دوران ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران خلاف ڪارروائين لاءِ آمريڪا وٽ وڏي مقدار ۾ بارود ۽ جنگي سامان موجود آهي، جيڪو موجوده آپريشن يا مستقبل ۾ ڪنهن ٻي جنگ جي ضرورت کان به وڌيڪ آهي.

ٽرمپ موجب آمريڪا ڪنهن به ممڪن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فوجي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي.

آمريڪي صدر چيو ته ايران ۾ جاري فوجي آپريشن بابت ميڊيا طرفان حقيقتن جي ابتڙ رپورٽنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته آمريڪي فوج لاءِ نئين جنگي هٿيارن جي تياري رڪارڊ سطح تي جاري آهي.

- Advertisement -

ٽرمپ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا تي به تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته بائيڊن حڪومت يوڪرين ۽ نيٽو جي جنگ ۾ اربين ڊالرن جا هٿيار مفت فراهم ڪيا، جڏهن ته سندس دور ۾ يورپ کي فراهم ڪيل فنڊ واپس وٺڻ تي غور ڪيو ويندو.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو درست هو ۽ سندس دعويٰ آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ کٽي چڪو آهي.

Share This Article
Leave a Comment